چين جي عظيم ديوار

چين جي عظيم ديوار

چين جي عظيم ديوار

چين جي عظيم ديوار: چين جي هيءَ عظيم ديوار چين جي، ثقافت ۽ ترقيءَ جي علامت سان گڏ دنيا جي ستن عجائبن مان هڪ آهي. ديوار جي ڊيگهه 6 هزار 7 سئو ڪلوميٽر آهي، اوچائي سراسري ٽيهه فوٽ ۽ ويڪر پندرهن فوٽ آهي. هيءُ ديوار پنهنجي بناوٽ جي طرز توڙي ڊيگهه سبب پوريءَ دنيا ۾ نهايت اهم حيثيت رکي ٿي. هن منفرد ديوار جي تعمير ستين ۽ اٺين صدي ق. م ۾ شروع ٿي هئي. انهي دؤر ۾ هن خطي جي مختلف حاڪمن پنهنجي خودمختيار رياستن جي خلاف اتر طرف کان ايندڙ حملي آورن کان بچڻ لاءِ پنهنجي اُترئين سرحد جي اهم ماڳن ۽ مڪانن تي بچاءُ لاءِ ديوارون اڏائڻ شروع ڪيون. ان بعد مشهور چِن (Qin) گهراڻي جي دؤر ۾ انهن سمورين ننڍين رياستن کي گڏي شهنشاهت قائم ڪئي وئي. چن گهراڻي کانپوءِ وارن حڪمرانن ديوار کي ضرورت تحت وڌايو. مِنگو گهراڻي هن ديوار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هن ديوار جي اٽڪل ارڙهن ڀيرا مرمت ڪرائي ۽ ان ۾ هڪ هزار ڪلوميٽرن تائين اضافو ڪيو. انهيءَ گهراڻي جي دور ۾ ديوار ۾ مختلف جاين تي نهايت شاندار لنگهه، چوڪيون، سنگل ڏيڻ وارا برج ۽ محدود فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون ويون. هن ديوار جي موجوده شڪل گهڻو ڪري مِنگ گهراڻي جي تعميرات جي نشاني آهي. هي ديوار سرحد جي ٽڪرين موجب ڪٿي هيٺ، ڪٿي مٿي ٺهيل آهي ۽ اها اوڀر کان اولهه طرف ٺهيل آهي. لائو لانگٽو يعني اجگر نانگ جو مٿو نالي هڪ چوڪي ديوار ۾ شانهائي لڪ جي اوڀر طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پٿرن ۽ سرن سان اڏيل آهي، اها چوڪي ديوار جي اڀرندي ونگ تي آهي. هن جي اوچائي ٽيهه فوٽ آهي. هتي جنگلو نالي پليٽ فارم ۽ چينگائي محل پڻ اڏيل آهي. 1381ع ڌاري شانهائي لڪ وٽ هڪ چوڪي اڏي وئي جيڪا ديوار جي اهم چوڪي آهي ۽ متسطيل شڪل ۾ آهي ۽ اُن ۾ چار ڦاٽڪ آهن. هن چوڪي جي سراسري اوچائي 37 فوٽ ۽ ويڪر 32 فوٽ آهي. هئانگيا وٽ ديوار جو ڀاڱو مِنگ گهراڻي جي يونگل بادشاهه جي حڪومت دوران 1424ع ڏاري تعمير ڪرايو ويو. هي هنڌ جگزئين ڪائونٽيءَ جي اتر طرف جبلن ۾ واقعي آهي. جنهن جي تعميرات ۾ پٿر ۽ سرن جو استعمال ٿيل آهي. هتي به عاليشان قلعو، فوئنڪس ٽاور ۽ نارٿ پلو پويلين اڏيل آهن. هيءُ سمورو لڪ آبي کاهيءَ سان گهيريل آهي. جنشان رج نالي ديوار جو ڀاڱو ميون ۽ بيجنگ ڪائونٽين جي وچ واري علائقي ۾ تعمير ٿيل آهي. اهو علائقو هيئي بيئي صوبي جو حصو آهي. هي حصو سؤ ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جنهن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ چوڪين لاءِ ٽاور، چبوترا، چٽيون ۽ برج ٺهيل آهن. هي ڀاڱو مختلف نمونن جي تعميرات جي ڪري انتهائي خوبصورت آهي. متيئانيو هنڌ وٽ تعمير ٿيل ديوار جو ڀاڱو 1404ع ڌاري ٺهيو. اهو حصو هئائرو ڪائونٽيءَ ۾ آهي. هن ڀاڱي جي اولهه طرف تي جيانگ لڪ ۽ اوڀر طرف گوبيڪو لڪ آهن. هتي اهم فوجي ماڳ آهي، اهو ڀاڱو رياستي گاديءَ جو هميشه کان اهم حفاظتي ماڳ رهيو آهي. هي علائقو نوي سيڪڙو سرسبز آهي. ديوار جو سماٽائيءَ وارو ڀاڱو 1368ع ڌاري تعمير ٿيو. هيءُ ڀاڱو گوبيڪو شهر ميون ۽ لئانپنگ ڪائونٽين جي وچ ۾ آهي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان 986 ميٽر اوچائيءَ تي اڏيل آهي، هن 19 ڪلوميٽر ڊگهي ڀاڱي ۾ چوڪيءَ لاءِ 35 واچ ٽاور ٺهيل آهن. گوبيڪو لڪ، ميون ڪائونٽي جي اتر-اوڀر واري ديوار ۾ شامل آهي، گوبيڪ شهر 1378ع ڌاري تعمير ٿيو. ان جي چوڌاري ٻه ڪلوميٽر بچاءُ وارو ڪوٽ اڏيل آهي. ڪوٽ ۾ ٽن طرفن کان اوڀر-اتر ۽ ڏکڻ ۾ شاهي دروازا اڏيل آهن. ديوار جي ٻاهران ڪائوهي ندي وهندڙ آهي. بيجنگ صوبي جي يانڪنگ ڪائونٽي ۾ باڊلنگ هنڌ وٽ ديوار جي تعمير منگ گهراڻي جي دور ۾ ٿي هئي. هتي ديوار جي اوچائي 8-7 ميٽر ۽ ويڪر 5-6 کان 5-8 ميٽر آهي. ديوار جو حيانگ لڪ، بيجنگ صوبي جي چانگ پٺگ ڪائونٽي جي اتر اولهه طرف آهي. هن لڪ وٽ ٺهيل عمارتن جي گيٽن ۽ ديوارن جي کليل ڀاڱن تي ٻڌ ڌرم جا نقش اڪريل آهن. انهن ۾ مورتيون ۽ ٻڌ جي تعليمات جون لکڻيون به اڪريل آهن. جيڪي نگارشات يُئان گهراڻي جي دور جون آهن. هن علائقي جي آسپاس 72 کن تاريخي ماڳ ۽ سائنسي جڳهيون موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو